خليفو محمود نظاماڻي

خليفو محمود نظاماڻي: شاعر ۽ بزرگ خليفي محمود نظاماڻي 1775ع ڌاري ڪڙيي گهنور ضلعي بدين جي زميندار گهراڻي ۾ رئيس گهنور خان مبارڪاڻي نظاماڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪڙيو گهنور شهر سندس والد جي نالي پويان سڏجي ٿو. هن شروع ۾ عبدالڪريم لڪڙي واري وٽ تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ سندس والد کيس پڙهائڻ لاءِ حافظ عثمان درويش کي استاد طور ڳوٺ ۾ مقرر ڪيو. جنهن وٽ به ڪجهه ڪتاب پڙهيو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي فقيراڻي طبيعت وارو هوندو هو، امير گهراڻي جو ٻار هجڻ باوجود عام ٻارن کان مختلف هوندو هو. ننڍپڻ کان ڪيترن ئي فقيرن ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهيو. 1798ع ڌاري چوويهن سالن جي ڄمار ۾ سلسله قادريه ۾ شامل ٿي،
پير محمد راشد روضي ڌڻي جي مريدي اختيار ڪيائين. سندس مرشد کيس دستار پارائي، خلافت ڏني ۽ تلقين جي اجازت پڻ ڏنائين. سندس والد به پير محمد راشد روضي ڌڻي جو خليفو هو. خليفي محمود سڄي زندگي پنهنجي مرشد جي فڪر جي پرچار ڪئي، ڪيترائي ماڻهو وٽس اچي فيضياب ٿيا. سنڌ کانسواءِ ڪڇ، ڪلڪته، بمبئي ۽ آفريڪا ۾ سندس صحبتين ۽ کانئس فيضياب ٿيل ماڻهن جو گهڻو تعداد هو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مسجد پڻ جوڙائي. گهٽ تعليم هجڻ باوجود کيس علم و ادب سان گهڻو چاهه هوندو هو. مطالعي خاطر ڪيترائي ڪتاب وٽس هوندا هئا. سنڌي ۽ فارسي ۾ شاعري پڻ ڪيائين ۽ پنهنجي مرشد جي ملفوظات پڻ لکيائين. سندس تصنيفون هيٺين ريت آهن.
مجمع الفيوضات: هي ڪتاب سندس مرشد محمد راشد ’روضي ڌڻي‘ جي ملفوظات تي مشتمل آهي، جيڪو سورهن بابن تي آهي ۽ ٻه هزار نقل پڻ شامل آهن.
محبوبيته المحموديته: هن ڪتاب ۾ سلسله قادريه ۾ ٿيندڙ ذڪر ۽ شغلن جو بيان آهي.
رساله گلشن اولياءَ: هن ڪتاب ۾ ’حديقته الاولياءَ‘ کانپوءِ جي دور وارن مقامي بزرگن جو احوال ڏنل آهي.
مڪاتيب: هن ڪتاب ۾ پنهنجي مرشد محمد راشد روضي ڌڻي جا خط شامل آهن. انهن تصنيفن کانسواءِ تصوف ۾ سنڌي آزاد نظم ۽ هڪ رسالي جو پڻ ذڪر ملي ٿو.
خليفي محمود 12 جنوري 1851ع تي وفات ڪئي.


لفظ خليفو محمود نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو